اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جي عدالت ۾ صرف لا آفيسر پيش ٿيا جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ کان ايندڙ جسٽس سرفراز ڊوگر 3 ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل ججز کي ڀليڪار چيو. صوبن کان 3 ججز جا اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اپيل تي وڪيلن طرفان جزوي هڙتال ڪئي وئي، مختلف ڪيسز ۾ وڪيل پيش نه ٿيا. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ججز جي ٽرانسفر واري نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو ويو ۽ بار جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته خوفزده ٿي هڪ نه 3 ججز جو ٽرانسفر ڪيو ويو، پنهنجي مرضي جا ججز شامل ڪيا ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن جو چوڻ هو ته جج صاحبان قدم نه کنيو ته انهن جي دقعت ختم ٿي ويندي، ٽن ججز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي جو نوٽيفڪيشن فوري طور واپس ورتو وڃي. وائس چيئرمين پنجاب بار ڪونسل عرفان تارڙ ۽ چيئرمين ايگزيڪٽو ڪميٽي فاروق ڊوگر ججز جي بدلي جي فيصلي جي تعريف ڪندي چيو ته ٻين صوبن کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي وفاقي ڪردار جي بحالي طرف هڪ اهم قدم آهي، اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ڪيل سمورا جج قابل احترام آهن، قدم جي خلاف منفي تبصرو يا مزاحمت وفاقيت جي اصولن کي مجروح ڪندي.
7