7

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جتي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا. وڪيل امجد پرويز دليلن ۾ چيو ته نالي جي تعمير جو ڪم انهي وقت جي وڏي وزير شهباز شريف ناهي ڏنو پر نالي جي تعمير جي منظوري پنجاب ڪابينه ڏني ۽ نالو علائقي جي بهتري لاءِ ٺاهيو ويو. وڪيل چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي قائم ڪيو ويو، نالو صرف رمضان شوگرملز جي لاءِ نه آهي پر انهي سان 10 ڳوٺن کي فائدو پهچي رهيو آهي اهو ريفرنس غلط سروي جي بنياد تي ٺاهيو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 6 فيبروري تي ٻڌايو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو