مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي سمورن ججن پاڪستان جي آئين جي پاسداري جو حلف کڻي رکيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ عرفان صديقي سوال اٿاريو ته ڇا آرٽيڪل 200 آئين جو حصو نه آهي؟ اهو آرٽيڪل چوي ٿو ته صدر ڪنهن به جج کي هڪ کان ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهي ٿو. انهي جي لاءِ لاڳاپيل جج جي مرضي ضروري آهي. عرفان صديقي چيو ته چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻنهي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس ۾ مشاورت به ضروري آهي، ڪنهن کي ترجيح ڏني وڃي؟ انهي واضح آئيني شق کي يا ڪنهن خط کي؟ ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري 2 ڏينهن اڳ لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان هڪ هڪ جج کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اڄ اسلام آباد جي ٽنهي بار ڪونسلز 3 ججز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي جو نوٽِفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.
7