عالمي مالياتي فنڊ (آئی ایم ایف) جي وفد چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، آئی ایم ایف جي 6 رڪني وفد جي چيف جسٽس يحيیٰ آفريدي سان سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهي. چيف جسٽس آئی ایم ایف وفد کي عدالتي نظام ۽ سڌارن بابت بريفنگ ڏني، ججن جي مقرري ۽ آئيني ترميم تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات کان پوءِ آئی ایم ایف جو 6 رڪني وفد سپريم ڪورٽ مان روانو ٿي ويو. ياد رهي ته عالمي مالياتي فنڊ جو وفد پاڪستان جي دوري تي آهي. ان کان اڳ، آئی ایم ایف جي ٽيڪنيڪي وفد ڪابينا ڊويزن، پي ايم آفيس، وزارت خزانه، ۽ وزارت قانون ۾ ملاقاتون ڪيون، جتي آئی ایم ایف سرڪاري عملدارن جي اثاثن جي ڊيڪليئريشن لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف، ذريعن موجب سرڪاري عملدارن جي اثاثن کي ظاهر ڪرڻ بابت مسودو تيار ڪرڻ تي مشاورت شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سول سرونٽ ايڪٽ جي ترميمي ڊرافٽ فيبروري ۾ ئي آئی ایم ایف کي فراهم ڪيو ويندو.
