16

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج جا ريمارڪس پارليامينٽ تي حملو آهن: اسپيڪر جي رولنگ

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ريمارڪس کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اسيمبلي اجلاس جي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ريمارڪس تي رولنگ ڏيندي چيو ته جج جو بيان پارليامينٽ تي حملو آهي ڪنهن کي پارليامينٽ جي باري ۾ بيان ڏيڻ جو ڪوبه حق نه آهي. اسپيڪر اياز صادق وفاقي قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته اهو لاڳاپيل جج کي اهو پيغام پهچائي ته پارليامينٽ سپريم آهي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا نتجا روڪڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته عدليه، پارليامينٽ ۽ انتظاميه سميت سمورا ٿنڀا ڪري چڪا آهن. عدليه جو ٿنڀو هوا ۾ آهي پر اسان به مايوس نه آهيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو