قومي اسيمبلي پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. رپورٽ موجب قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافي بابت بل رومينه خورشيد عالم پيش ڪيو جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. ترميمي بل جي تحت پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي سيڪريٽري جي برابر ڪيون ويون آهن. ايم اين ۽ سينيٽر جي ماهوار پگهار ۽ مراعتون 5 لک 19 هزار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. انهي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اوهان ماڻهو پارليامينٽ کي جعلي به چئو ٿا ۽ پاڻ سنجيده به نه ٿيندا آهيو جيڪو ميمبر وڌيل اضافي پگهار نٿو وٺڻ چاهي اهو لکي ڏئي. قانون واري وزير اعظم نذير تاڙ به چيو ته جيڪو ميمبر وڌيل پگهار نٿو کڻڻ چاهي اهو اسپيڪر آفيس کي آگاهي ڏئي. پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻيون پارٽيون به پگهار وڌائڻ تي هڪ آواز هيون، پارليامينٽ ميمبرن ايم اين ۽ سينيٽر جون پگهارون 10 لک ماهوار جو مطالبو ڪيو ويو هو پر اسپيڪر اياز صادق اهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته انهي کان اڳ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي پگهار 2 لک 18 هزار هوندي هئي.
