28

ملڪ ۾ سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي وي

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪيئي ڏينهن کان مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2 هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 714 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 63 هزار 203 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 23 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 930 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو