17

سنڌ ۾ هلندڙ مهيني شيڊول ميٽرڪ جا امتحان رمضان المبارڪ کان پوءِ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ صوبي ۾ ميٽرڪ جا شيڊول ٿيل امتحانن ۾ هيٺ مٿانهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مارچ ۾ شيڊول امتحان هاڻ رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر کان پوءِ ورتا ويندا.رپورٽ موجب سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه اڱاري تي تعليم کاتي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. انهي اجلاس ۾ صوبي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي تاريخ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جو امڪان آهي.انهي کان اڳ ميٽرڪ جا امتحان مارچ ۾ شيڊول هئا سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي ڀرتين جي مرحلي ۾ به واڌ جو اعلان ڪيو آهي.سيد سردار شاهه چيو آهي ته تجويز آهي ته مارچ ۾ صرف پريڪٽلز منعقد ڪرايا وڃن. امتحان عيدالفطر کان پوءِ وٺڻ تي غور جاري آهي. ياد رهي ته گذريل سال مئي ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي ۽ هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو