لاهور: رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي منافعي خورن کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن ۾ ئي آنا في درجن 230 مان وڌي 272 ٿي ويا آهن، ٻاڪري گوشت جي قيمت 200 روپيه اضافي سان 2500 روپيه ڪلو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته وڏي جو گوشت 1100 مان وڌي 1400 روپيه ٿي ويو آهي.مارڪيٽ جي ذريعن ٻڌايو آهي ته کنڊ 124 روپين مان وڌي 155 کان 160 روپيه في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. اهڙي طرح صوف، ڪيلا، ڇانهي، موسمي ۽ اسٽرابيري جي قيمت 100 کان 300 روپين تائين وڌي چڪيآهي.انهي حوالي سان ڪنزيومر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ چيو آهي ته انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. سرڪاري ريٽ لسٽ تي عمل نه ٿي رهيو آهي منافعي خور پنهنجي مرضي سان قيمتون وصول ڪري رهيا آهن.
