پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته مان ڏسان ٿو ته ڪيئن صوبائي حڪومت زميندارن کان ٽيڪس وٺي ٿي، جيڪڏهن وڏو وزير سول نافرماني جو اعلان ڪري سگهي ٿو ته اسان به صوبائي حڪومت جي اهڙن قدمن تي سول نافرماني جو اعلان ڪري سگهون ٿا.پشاور ۾ هاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته صوبائي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هن صوبي کي تباهه ڪرڻو آهي، صوبائي حڪومت، صوبائي حقن جي جنگ وڙهي رهي آهي. معاهدن جي تحت ٻين صوبن ۾ شاخون بڻجي ويون پر اسان جي صوبي ۾ اهو ڪم نه ٿي سگهيو.خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته هلندڙ سال چشمه رائٽ بينڪ ڪينال کي شروع ڪنداسين. جيڪڏهن ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سول نافرماني جو اعلان ڪري سگهي ٿو ته اسان صوبائي حڪومت جي اهڙن قدمن تي سول نافرماني جو اعلان ڪري سگهون ٿا. مان ڏسان ٿو ته ڪيئن صوبائي حڪومت زميندارن کان ٽيڪس وٺي ٿي، هي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي سوڙهي گهڻي مان ڀڄي ويندا هئا. اسان به زميندارن سان گڏ ڌرڻو هڻي سگهون ٿا
