انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ 8 ٽيمن مان رڳو 3 ٽيمن جا رانديگر شامل ڪيا ويا آهن. آءِ سي سي طرفاب اعلانيل 12 رڪني ٽيم ۾ ڀارت جي 6، نيوزيلينڊ جي 4 ۽ افغانستان جي 2 رانديگرن کي چونڊيو شامل ڪيا ويا، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ پاڪستان جو ڪو به رانديگر ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو. ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل رانديگرن ۾ ڀارت جو ويرات ڪوهلي، شرِياس اَئير، ڪي ايل راهول، محمد شامي ۽ ورون چڪرورٿي شامل آهن. نيوزيلينڊ جي راچن رويندرا، گلين فلپس، مچل سينٽنر ۽ ميٽ هينري کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته افغانستان جي ابراهيم زدران ۽ عظمت الله عمرزئي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو حصو آهن، ڀارت جي اڪشر پٽيل کي ٽيم جو 12هون رانديگر مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي جي چونڊ تي ڪرڪيٽ شوقينن طرفان مختلف رايا سامهون آيا آهن، خاص طور تي پاڪستان جو ڪو به رانديگر شامل نه ٿيڻ تي مداحن مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
