الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور طرفان رمضان المبارڪ جي پيش نظر مستحق گهراڻن ۾ راشن تقسيم
الخدمت بنا ڪنهن متڀيد جي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي:صدر الخدمت الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان رمضان المبارڪ جي پيش نظر 250 گهراڻن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو،ان موقعي تي ڳالهائيندي جماعت اسلامي ضلعي ڪشمور جي امير غلام مصطفي ميراڻي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جڏهن عام ماڻهن جي قوت خريد ختم ڪري ڇڏي آهي اهڙي وقت ۾ الخدمت طرفان غريب گهراڻن ۾ مفت راشن جي تقسيم قابل تحسين قدم آهي،ان موقعي تي ڳالهائيندي الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور جي صدر حافظ عمر فاروق چنه چيو ته الخدمت بنا ڪنهن متڀيد جي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور ۾ صحت،صاف پاڻي جي فراهمي سميت ٻوڏ متاثرين جي لاء گهرن جي تعمير ۾ تعاون سميت مختلف وقتن ۾ راشن جي فراهمي جا ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي ۽ الخدمت ڏکي انسانيت جي خدمت ۾ هميشه اڳ کان اڳري رهي آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ غريب گهراڻن جي چلهن کي روشن رکڻ لاء الخدمت طرفان اڄ ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل 250 گهراڻن کي راشن فرهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن کين سحري ۽ افطاري جو بندوبست ڪرڻ ۾ کين آساني ٿئي،ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن جي ضلعي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبيدالله بلوچ،نائب صدر الياس چنا ۽ ٻين ذميدارن شبير احمد ميراڻي،ايڊووڪيٽ طالب حسين سبزوئي،راجه ولي بيگ ميرالي ۽ ٻين رضاڪارن پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنا
