صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، صدر طور سنڌ درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ واري حڪومتي فيصلي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهان. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري پارليامينٽ ميمبرن کي قومي مفاد کي ترجيح ڏيڻ، ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي پوئتي رکڻ، معيشت جي بحالي، جمهوريت جي استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته صدر طور ۽ محب وطن پاڪستاني منهنجي ذميواري آهي ته مان ايوان ۽ حڪومت کي خبردار ڪريان. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه هڪ طرفيون پاليسيون وفاق تي شديد دٻاءُ وجهي رهيون آهن، خاص طور تي سنڌو درياهه مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ وارو حڪومتي فيصلو، جنهن جي صدر طور حمايت نه ٿو ڪري سگهان. صدر حڪومت کي صلاح ڏني ته هن تجويز تي ٻيهر غور ڪري ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪو پائيدار ۽ گڏيل حل ڪڍيو وڃي. صدر زرداري جي خطاب دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن سبب صدر کي هيڊفون لڳائي تقرير ڪرڻي پئي. صدر زرداري چيو ته گذريل هڪ سال دوران معاشي استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي، ملڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند سطح تي پهچي وئي آهي ۽ پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي. صدر زرداري زور ڏنو ته معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته ايندڙ بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مختص رقم وڌائي وڃي. هن چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ ڄاڻايل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ هڪ اهم واپاري مرڪز بڻجي سگهي. صدر زرداري وڌيڪ چيو ته اچو ته قومي مفاد کي ترجيح ڏيون، ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکون، معيشت کي بحال ڪرڻ، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهيون جيڪو انصاف تي ٻڌل، خوشحال ۽ سڀني لاءِ فائديمند هجي.صدر زرداري صدر جي خطاب کانپوءِ، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
