پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان چيمپيئنز ٽرافي جي پڄاڻي واري تقريب ۾ نمائندگي نه ملڻ تي آءِ سي سي سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي نه هجڻ واري معاملي معاملي کي آءِ سي سي آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پي سي بي آءِ سي سي کان پڇاڻو ڪندو ته ٽورنامينٽ جي انعامي تقريب ۾ پاڪستان جي سي اي او سمير احمد سيد کي ڇو نه سڏايو ويو، جڏهن ته هو دبئي ۾ موجود هو. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي کي فائنل جي پريزينٽيشن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، پر صحت جي خرابي سبب هو فائنل ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
