10

ڪشمور لڳ انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، ٻه نوجوان سخت زخمي

مليل ڄاڻ موجب ته ڪشمور لڳ انڊس هاءِ وي تي خطرناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿيو، نتيجي ۾ ملڪ برادري جا ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ محمد حسين ملڪ ۽ محمد جميل ملڪ شامل آهن، جيڪي گڊو جا رهواسي آهن. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن اهي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي گڊو کان ڪشمور طرف اچي رهيا هئا عيني شاهدين موجب موٽر سائيڪل تيز رفتاري سبب ڪنٽرول مان نڪري وئي، جنهن سبب بريڪ نه لڳي ۽ ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجڻ بعد نوجوان سخت زخمي ٿي پيا علائقي جي ماڻهن زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جتي انهن کي طبي امداد ڏني وئي. ڊاڪٽرن موجب ٻنهي نوجوانن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي حادثي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي واسين تيز رفتاري خلاف سخت احتجاج ڪندي روڊن تي حفاظتي قدمن جي گهر ڪئي آھي.ياد رهي ته انڊس هاءِ وي تي اڳ به اهڙا حادثا پيش اچي چڪا آهن، جتي تيز رفتاري سبب قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو