7

ڪشمور ۾ گئس جي شديد کوٽ، روزيدار سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪشمور ضلعي جي ڀرپاسي م گئس جي شديد کوٽ، روزيدارن ۽ عام شهرين توڙي علائقي واسين کي سخت مشڪلاتون ٿيڻ لڳيون ڪاٺيون پڻ مهانگيون ٿي ويون عوام سورن م ڪنڌڪوٽ شھر جي گوليمار جي رئيس بھادر خان چاچڙ عبدالخالق سهرياڻي رئيس غلام حسين چاچڙ جعفر مُحله،شُجراع چوڪ،انجنيئرنگ بنگلو،ڀٽا محله ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گئس جي شديد کوٽ سبب روزيدارن سميت عام شِهري سخت پريشانين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن۔سِحري ۽ افطاري جي وقت گزريل ڏينهن کان گئس جي فراهمي تقريبن بند هُجڻ سبب شهرين کي کاڌو تيار ڪرڻ ۾ تڪليفون پيش۔ شهرين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڪَلاڪ گذري ويا آهن، سندن گئس جي فراهمي نه ٿي۔ روزيدارن جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ ۾ به بنيادي سهولتون مُيسر نه آهن، ڪاٺيون به پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن جيڪا حُڪومتي اِدارن جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿي ٻئي پاسي، هوٽلن ۽ تيار کاڌو وڪرو ڪندڙن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن سبب غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ٻيڻي مُشڪلات جو شِڪار بڻجي ويا۔ شهرين مُطالبو ڪيو آهي ته گئيس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن هُوء رمضان المبارڪ جُون سحري ء افطاري جي ٽائيم کاڌو تيارڪري سگهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو