8

ٻار کي گهر ڇڏي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ 154 ڪلو وزني ويڳي ماءُ سندس مٿان چڙهي ويهي رهي، ٻارڙو فوت

  آمريڪي رياست انڊيانا جي شهر والپاريسو سان تعلق رکندڙ 10 ورهين جو ٻار پنهنجي ويڳي ماءُ جي وزن سبب حياتي وڃائي ويٺو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڊڪوٽاليوي اسٽيونز نالي ٻار جي فوتگي انهي وقت ٿي جڏهن انهي جي 340 پائونڊ(154 ڪلو گرام) جي ويڳي ماءُ جينيفر لي واسن مبينه طور تي ان تي ڪجهه منٽن تائين ويٺل رهي. رپورٽن  موجب جينيفر لي جو خيال هو ته 91 پائونڊز(41 ڪلو گرام) جو ٻار ڪوڙي تڪليف جو ڊرامو ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي تڪليف وڌائي پيش ڪري رهيو آهي انهي لاءِ هو  ٻار جي دانهن جي باوجود ان جي مٿان کان نه لٿي پر انهي سموري معاملي ۾ ٻار پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو جنهن کان پوءِ 48 ورهين جي جينيفر کي سندس ويڳي پٽ جي قتل ۾ 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جاچ جي دوران جينيفر ٻڌايو ته ٻار گهر مان ڀڄي ويو هو  جيڪو پاڙيسري جي گهر مان مليو، جڏهن اهو گهر آيو ته اداڪاري ڪري رهيو هو ۽ ضد ڪري رهيو هو ته هو هن گهر ۾ نه رهندو ۽ هي گهر ڇڏي رهيو آهي. عورت ٻار تي تقريبن 6 منٽن تائين ويهڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته جڏهن ٻار حرڪت ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ته مون سمجهو ته اهو به هو ڊرامو ڪري  رهيو آهي، جڏهن ٻار جون اکيون کولي ڏٺيون ته اهي ڳاڙهيون ٿي ويون جنهن کان پوءِ مون ان کي سي پي آر ڏنو ۽ پوليس کي فون ڪيو. جينيفر عدالت ۾ بيان ڏنو ته منهنجي نيت ٻار کي گهر مان ڀڃڻ کان روڪڻ جي هئي ۽ اهو صرف حادثو هو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته فوت ٿي ويل 10 سالن جي ٻار جي جگر ۽ ڦڦڙن کي نقصان پهتو جيڪو انهي جي فوتگي جو سبب بڻيو. انهي حوالي سان ڳالهائيندي پاڙيسري موقف ڏنو ته انهي واقعي کان اڳ نينگر زڪوٽا اسان وٽ مدد گهرڻ لاءِ آيو هو ته هو مون کي پالڻ لاءِ وٺن ڇو ته منهنجا ويڳا ماءُ پيءُ مون کي تشدد جو نشانو بنائين ٿا ۽ چهري تي ڌڪ هڻندا آهن پاڙيسري موجب نينگر زڪوٽا جي چهري تي انهي وقت ڪنهن به قسم جي زخن جا نشان موجود نه هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو