9

ڄامشورو: روزو رکڻ بعد طبيعت خراب ٿيڻ سبب نينگر فوت

ڄامشورو ڀرسان روزو رکڻ بعد طبيعت خراب ٿيڻ ڪري نينگر فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب هڪ هفتو اڳ مولوي خليل ابڙو جي ڏهن ورهين جي پٽ جعفر علي روزو رکيو، نينگر جعفر روزو رکڻ بعد ڪپڙو پسائي پنهنجي مٿان رکي پکو ھلائي ستو ته سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي. نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۽ بعد ۾ ٽراما سينٽر ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي ست ڏينهن مسلسل بيهوش رهڻ بعد نينگر دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، ماءُ پيءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو