9

ڪراچي ۾ موسم تبديل ٿيڻ سان ئي ساهه جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو

ڪراچي ۾ موسم تبديل ٿيڻ سان ئي ساهه جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ايمرجنسي انچارج سول اسپتال موجب اسپتال ۾ ساهه جا مريض روزاني  150 کان وڌيڪ اچي رهيا آهن، اهڙي طرح جناح اسپتال ۾ به ساهه جي مريضن جو انگ روزاني 150 کان مٿي ٿي ويو آهي. ٻئي طرف طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ساهه جي بيمارين سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٻار ٿي رهيا آهن، مريض گلي جي خرابي، نزلو، ۽ کنگهه جي شڪايتن سان اسپتال پهچي رهيا آهن. طبي ماهرن موجب اهڙي موسم ۾ ساهه جي مريضن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳندي آهي. طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ٿڌين ۽ غير معياري شربتن کان پاسو ڪريو، گهرن کان ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ جو استعمال لازمي ڪريو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو