ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اختيار احمد نوناري مٿان گذريل رات هٿياربندن پاران فائرنگ ڪرڻ واري عمل خلاف نوناري برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ نوناري برادري جي معززين ڊاڪٽر عبدالڪريم نوناري ذوالفقار نوناري استاد جاڙو خان استاد ڌڻي بخش استاد حضور بخش نوناري سميت ٻين جو چوڻ هو ته گذريل هڪ هفتي کان ڀيا گينگ جي ڏوهارين پاران اسان کان لکين روپيا ڀتو ڏيڻ لاءِ فون رستي رابطو ڪيو جنهن جي منع ڪرڻ تي گذريل رات چند ڏوهارين اسان جي ڳوٺ مٿان سڌي فائرنگ ڪري هراس ۽ خوف ڦهلائي ڇڏيو هنن چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سڏ پنڌ تي موجود هئڻ باوجود به هو هڪ ڪلاڪ بعد پهتي هنن چيو ته اسين شريف شهري آهيون ڀيا برادري سان اسان جا سٺا تعلقات آهن چند ڏوهارين علائقي جو نالو بدنام ڪيو آهي جنهن ڪري اسين وس وارن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي
