بخشاپور ٿاڻي جي حد ملير اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ مسو گولو رهواسي رڪشا ڊرائيور 15 سالا ارشد علي پٽ اڪبر گولو کي ڪل شام جو گهر ويندي شربت واه وٽان هٿياربند اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا مغوي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان رڪشو هلائي گهر جو سفر گذر ڪندو آهي جيڪو ڪل شام جو 7 بجي ڳوٺ محمد صلاح گولو ۾ سواري ڇڏڻ لاء ويو هو جيڪو واپس گهر نه موٽيو وڏي ڳولا بعد ان جو رڪشو بخشاپور ٿاڻي جي حد شربت واه وٽان لاوارث حالت ۾ مليو آهي جنهن بعد پڪ ٿي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي مغوي نوجوان جي وارثن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته فل فور نوٽس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي
