10

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سياست ۾ اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر تڪراري 6 ڪينالن تي چيو آهي ته اهو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو ته نه رڳو انسان پر آبي ۽ جهنگلي جيوت به مري ويندا، اها اسان جي ثقافتي نسل ڪشي هوندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت هاڻ ڏَڪي رهي آهي، ڇو ته انهن ڏٺو ته ڪيترا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اسڪولي ٻار به احتجاج ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اهي بيانيو تبديل ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اهي سنڌو درياهه مان پاڻي ڪڍندا، ڇو ته ستلج ۾ پاڻي ناهي، اهي لنڪ ڪينال جي ڪيپيسٽي وڌائيندا. سياست ۾ قدم رکڻ جي سوال تي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته مان نئين ديري ۾ اعلان ڪيو هو ته منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي، پ پ جو شهيد ڀٽو گروپ آهي، جيڪو منهنجي بابا شروع ڪيو، اهو اڃا تائين موجود آهي ۽ اميد آهي ته اسان ان جي قيادت ڪنداسين. هن چيو ته مان ان ۾ ڪجهه نوجوان به شامل ڪندس، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي سياسي يتيم آهن، جيڪي تمام گهڻا انرجيٽڪ آهن پر انهن جي ڪا تنظيم يا ليڊرشپ ناهي. سندس چوڻ هو ته مون کي پنهنجي ملڪ مان، پنهنجي ماڻهن کان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي، مون کي نٿو لڳي ته مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو، مان تياري ڪري رهيو آهيان.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو