10

سکر: سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمين الاٽمينٽ خلاف احتجاجي ريلي

سکر سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڦوھارا چونڪ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي عيدن جاگيراڻي ، فقير عنايت ٻرڙو ، علي تقي، ماجد ڏنور ، اسلام الدين انڙ ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي 6 ڪئنالن ۽ زمين تي قبضي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ 6 نوان ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آھي، جنھن عمل سان سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي. سنڌو درياءُ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ ھجڻ سبب ٺٽي، بدين جي لاڙ پٽي جا علائقا بدترين پاڻي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن رھواسين وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ميسر ناھي، سمنڊ تيزي سان سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آھي تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ڪئنال ٺهڻ سان بيئراجي علائقا ريگستان ۾ تبديل ٿي ويندا ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ۾ ميت کي غسل ڏيڻ جيترو پاڻي بہ نہ ملندو. سنڌو درياءُ سنڌين جو واحد جياپي ذريعو آھي هڪ طرف ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن ته ٻئي طرف ڪمپني سرڪار آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سان عڪسري قوتن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني آھي جيڪا اسان هزارها سالن کان سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھي آصف زرداري اها زمين عڪسري قوتن کي اقتدار عيوض ڏني آھي اها الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جو بيان کليل دوکو، فريب، ڊرامي بازي ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته عملي طور تي آصف زرداري صدارتي محل ۾ خود ڪئنالن جي اجازت ڏئي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙي جي منظوري ڏئي چڪو آھي آصف زرداري جو هي بيان سياسي منافقت جي انتها آهي، جيڪو عوام سان هڪ سنگين دوکو ۽ سنڌ جي حقن تي کليل حملو آهي وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحول کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو ھنن مطالبو ڪيو تہ سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلي سميت ڏنل زمين واپس ورتي وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو