سکر: سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڇهن نون ڪئنالن خلاف وڪيل برادريءَ پاران ڊسٽرڪٽ بار کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي ڪئنال نڪتا ته سنڌ سڪي ويندو، زراعت تباهه ٿي ويندي، ۽ پاڻيءَ جي کوٽ عام ماڻهن لاءِ سنگين مسئلو بڻجي ويندي. احتجاجي ريليءَ جي اڳواڻي قربان ملاڻو، شبير شر، سندر چاچڙ، ظهير بابر ۽ ٻين ڪئي. ريلي سکر پريس ڪلب پهچي، جتان ساڌو ٻيلو وڃي سنڌو درياهه تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽيءَ پاڻ ڪئنالن جي اجازت ڏني، پر هاڻي انهن جي مخالفت ڪري رهي آهي، جيڪا ٻٽي پاليسي آهي. وڪيل اڳواڻن چيو ته سنڌ جو پاڻي ڪنهن کي به ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هنن اعلان ڪيو ته جيستائين ڪئنالن بابت جاري ٿيل نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويندو، تيستائين تحريڪ جاري رهندي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو ۽ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هنن سنڌ جي عوام، سياستدانن ۽ سماجي تنظيمين کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حق لاءِ متحد ٿي جدوجهد ۾ شامل ٿين.
