17

افغانستان ۾ طالبان حڪومت عيدالفطر تي هزارين قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

 افغان سپريم ڪورٽ چيو آهي ته طالبان حڪومت عيد کان اڳ 2463 قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب افغان سپريم ڪورٽ  ايڪس تي چيو آهي ته طالبان سپريم ليڊر جي حڪم نامي موجب معافي جي اهل 2463 قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3.152 ٻين جي سزا ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڏٺو وڃي ته افغانستان ۾ مختلف سيڪيورٽي ادارن وٽ گرفتار قيدين جو صحيح انگ چٽو نه آهي پر گڏيل قومن ملڪ ۾ جيلن جي وڌندڙ آبادي جي باري ۾ آگاهه ڪيو آهي. جيل انتظاميه جي آفيس جي هڪ ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته 11000  کان 12000 جي وچ ۾ سزا يافته قيدي اٿارٽي جي تحويل ۾ آهن انهن وڌيڪ چيو ته تقريبن  اوتري ئي تعداد ۾  قيدي گرفتار آهن ۽ ڪيس ۾ سزا يا اپيل جو انتظار ڪري رهيا آهن. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن آگاهه ڪيو آهي ته وڏي انگ ۾ گرفتاريون ۽ ڊگهي قيد جي سزائن جي ڪري جيل ون جي ٺڪاڻن تي  غير مستحڪم دٻاءُ وڌندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو