10

سوات: رڪشو واهه ۾ ڪرڻ سبب ٻن ٻارڙين سميت 5 ڄڻا فوت

سوات جي علائقي گوهٽي ۾ هڪ رڪشو گوهاٽي جي واهه ۾ ڪرڻ سبب 3 عورتون ۽ 2 ٻارڙين سميت 5 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻار زخمي ٿي پيو آهي. خيبرپختونخواهه ريسڪيو 1122 جي ترجمان بلال احمد فيضي ٻڌايو ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو، حادثي  ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. واقعي جي فورن بعد ريسڪيو ٽيم آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ 8 ڄڻن جون حياتيون بچائي ورتيون، جڏهن ته ٻن ٻارڙين سميت 5 عورتون فوت ٿي ويون. ريسڪيو 1122 جي ترجمان ٻڌايو ته جڏهن رڪشو واهه ۾ ڪريو ته انهي ۾ ٽوٽل 14 ماڻهو سوار هئا، 2 لاش ۽ هڪ زخمي ٻار کي ڪڍي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال سوات منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته مسافرن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، رڪشو اوور لوڊ هو جنهن جي ڪري اهو حادثو پيش آيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو