سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران حڪومت اچي ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا ته ڪير جوابده هوندو. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف خاطري ڪرائي آهي ته اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. وڏو وزير چيو ته ڪئنالن ڪڍڻ جو منصوبو رد ڪرڻ جا اختيار رڳو گڏيل مفادن واري ڪائونسل وٽ آهن، منصوبو وزيراعظم جي منظوري سان شروع نه ٿيو ته سندس صحيح سان ختم ڪيئن ٿيندو. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ ناڪام ٿياسين ته ٻيا به آپشن موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف خاطري ڪرائي تي ڪئنالن جو منصوبو نه ٺهندو. ارسا جو سرٽيفڪيٽ جاري ٿيل آهي جيڪو سي سي آءِ اجلاس مان ئي رد ٿي سگهي ٿو. سي سي آءِ ۾ ناڪام ٿياسين ته ٻيا به آپشن موجود آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي اسان اڃان پنهنجا پتا کيڏيا ئي نه آهن، جيستائين پيپلز پارٽي هوندي ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، ڪو مڃي يا نه مڃي. مان پنهجي موقف ذريعي سي سي آءِ مان ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪرائي ڇڏيندس، نوٽيفڪيشن جي ڪهڙي حيثيت آهي آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪئنال دفن ڪرائي ڇڏينداسين. هن چيو ته صدي آصف زرداري ڪئنالن جي منصوبي جي منظوري نه ڏني آهي، صدر کي ڪنئال جي منظوري ڏيڻ جا اختيار ئي نه آهن.
