فلسطين خاص طور تي غزه جي رهواسين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جماعت اسلامي ۽ واپاري تنظيمن جي هڙتال جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند آهن. راولپنڊي جي راجا بازار، مري روڊ، صدر ۽ ڪمرشل مارڪيٽ ۾ دوڪان بند آهن جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ نه هجڻ جي برابر آهي. ڊرگسٽ اينڊ ڪيمسٽ ايسوسيئيشن طرفان به هڙتال ڪئي پئي وڃي جنهن سبب مختلف بازارن ۾ ميڊيڪل اسٽور بند آهن. پاڪپتن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن. مري ۾ غزه جي رهواسين سان يڪجهتي جي اطهار لاءِ مڪمل شٽربند هڙتال آهي جماعت اسلامي جي شٽربند هڙتال جي سڏ تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن، مال روڊ، ڪينٽ مارڪيٽ، بهوربن مارڪيٽ، عليوٽ ۽ پهگواڙي سميت سمورا بازار ۽ روڊن تي ٽرانسپورٽ به گهٽ آهي. پشاور ۾ به فلسطنين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شٽربند هڙتال سبب قصه خواني بازار، چوڪ يادگار، اشرف روڊ، چوڪ ناصر خان ۽ خيبر بازار ۾ دوڪان بند پيل آهن. اهم روڊن تي ننڍيون وڏيون مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز به بند پيل آهن. ڪوئٽه ۾ به فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڙتال ڪئي پئي وڃي، شهر ۾ سمورا اهم بازار ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن. مستونگ، قلات، خضدار ۽ پشين سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ به فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي. سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز ۽ دوڪان بند جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ آهي. ڪورنگي ڪراس روڊ تي سياسي پارٽي طرفان فلسطين جي حق ۾ ڌرڻو هنيو ويو آهي جنهن سبب روڊ ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي. مظاهرين طرفان روڊن تي ٽائر ساڙي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرڻي سبب ٽريفڪ کي گودام چورنگي ۽ ناصر جمپ کان چمڙا چورنگي اماڻيو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني قوم فلسطينين جي نسل ڪشي برداشت نٿي ڪري سگهي، قوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ۽ اسرائيل آمريڪا جي مذمت ڪندي.
