8

پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا: آرمي چيف

 آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي وڏن پاڪستان جي  تخليق لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون ۽ جدوجهد ڪئي، اسان انهي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب دوران آرمي چيف چيو ته اسان مسلمان زندگي جي سمورن معاملن ۾ هندوئن کان مختلف آهيون، اسان جو مذهب، رسمون، رواج، روايتون سوچ، ارادا هندوئن کان ڪافي مختلف آهن. آرمي چيف چيو ته ٻطرفي قومي نظرئي جي بنياد اها هئي ته مسلمان ۽ هندو 2 قومون آهن، هڪ قوم نه، اسان جي وڏن پاڪستان جي تخليق لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي، آرمي چيف چيو ته اسان پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن،  اسان انهي جو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو