9

پنجاب جي وزيراعليٰ پاڪستان جي پهرين صوبائي ايئرلائن ۽ پهرين بلٽ ٽرين منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪستان جي پهرين  صوبائي ايئر لائين ايئر پنجاب ۽ بلٽ ٽرين منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبائي اسيمبلي ميمبر نوشير خان لنگڙيال ملاقات ڪئي، انهي موقعي تي مريم نواز چيو ته مريضن کي مفت دوائن جي فراهمي جو واعدو هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. حڪومت جي بهتر قدمن سان هارين جي لاءِ ترقي، خوشحالي جا رستا کلي رهيا آهن. مريم نواز پاڪستان جي پهرين صوبائي ايئر لائين ايئر پنجاب جي منظوري ڏني وئي جنهن جي لاءِ فوري طور تي 4 جهاز ليز تي ڏنا ويندا. مريم نواز ايئرپنجاب کي ملڪ جي بهترين ايئرلائين ٺاهڻ جي لاءِ انتظامن جون به هدايتون جاري ڪيون آهن. شروعاتي طور تي ايئر پنجاب اندرون ملڪ ڊوميسٽڪ اڏامون شروع ڪندي، هڪ سال جو پيرڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايئر پنجاب پرڏيهي ملڪن جون اڏامون به شروع ڪري سگهندي. ايئر پنجاب جي لاءِ جديد ترين جهاز ليز تي وٺڻ جي لاءِ فوري انتظامن جو حڪم ڏنو ويو. اجلاس ۾ لاهور کان راولپنڊي بلٽ ٽرين پروجيڪٽ جي اصولي منظوري به ڏني وئي، پاڪستان ريلوي جي تعاون سان تيز ترين بلٽ ٽرين هلائڻ جي لاءِ مختلف آپشن جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ لاهور کان راولپنڊي تائين پهرين بلٽ ٽرين جي پراجيڪٽ ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بلٽ ٽرين جي ذريعي لاهور کان راولپنڊي جي سفر جو ٽائيم تقريبن اڍائي ڪلاڪن تائين رهجي ويندو. وڏي وزير سينئر وزير مريم اورنگزيب کي پاڪستان ريلوي سان تعاون ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو