15

“ڪنڌڪوٽ: ورلڊ مليريا ڊي، مليريا کان بچاءُ لاءِ ريلي ۽ سيمينار، ماهر ڊاڪٽرن جو پيغام”

ڪنڌڪوٽ :ورلڊ مليريا ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ مليريا ۽ انڊس هاسپيٽل جي سهڪار سان ريلي ڪڍي وئي ۽ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن (VBD) ڊاڪٽر فيضان واجد , ڊاڪٽر اطهر حسين شاھ انڊس ھاسپيٽل طرفان ڪواڊينيٽر نبي بخش سميجو,مليريا سپريٽنڊنٽ ايازعلي ابڙو ، اويس اقبال ابڙو، دلشاد علي مهر انور علي جوڻيجو، اعجاز علي شاھ، رسول بخش پيرزادو, پير بخش لاشاري ۽ آل مليريا اسٽاف ، ليڊي هيلٿ ورڪرز وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڊاڪٽر فيضان واجد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ مليريا هڪ خطرناڪ مرض آهي پر قابل علاج آهي جنهن جو بر وقت علاج ممڪن آهي . Dho ڊاڪٽر نادر علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ اسان جو اسٽاف روز جي بنياد تي هر هيلٿ فيسلٽي تي مليريا جي ٽيسٽ ڪرڻ کان پوء پازيٽو ڪيسن کي بر وقت ميڊيسن ڏيندو آهي ۽ اسان جون ٽيمون مليريا جي روڪ ٿام لاء لارواسائيڊنگ ۽ فيوميگيشن اسپري پڻ ڪندا آهن هن چيو ته اڄ مليريا ڊي جي ڏينهن اسين اهو پيغام ميڊيا جي ٿرو عوام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا گهرن جي اندر مڇرن کان بچڻ لاء ڪوائل استعمال ڪيو ڄاري استعمال ڪيو ۽ لوشن لڳايو ۽ گهرن جي ٻاهريان گندو پاڻي بيهڻ نـ ڏيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو