ڪراچي ۽ خيرپور ۾ پوليس ڪيئنالن جي منصوبي خلاف ڪندڙ احتجاج وڪيلن جي ڌرڻن تي چڙهائي ڪري ڏني جنهن دوران مزاحمت تي ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس قومپرست اڳواڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي گلشن حديد لنڪ روڊ تي ڪينالن جي منصوبي خلاف وڪيلن جو احتجاج جاري هو جتي پوليس پهتي ته هڪ وڪيل پوليس اهلڪار کي ڏنڊو هنيو جنهن کان پوءِ پوليس وڪيلن تي لاٺي چارج شروع ڪري ڏنو. پوليس جي لاٺي چارج سبب هڪ وڪيل زخمي به ٿيو، هڪ وڪيل کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مظاهري ۾ شامل وڪيل پوليس اهلڪار کي ڏنڊو هنيو هو جنهن کان پوءِ لاٺي چارج ڪيو ويو، انهي حوالي سان وڪيل طرفان پوليس اهلڪار کي ڏنڊو هڻڻ جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، گلشن حديد مان مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ٻئي طرف خيرپور ۾ فيض گنج ۾ وڪيلن ۽ قومپرستن طرفان ڪينالن جي منصوبي خلاف ڌرڻو هڻندڙن جي احتجاجي ڪيمپ تي پوليس حملو ڪري ڏنو پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ به ڪئي. مڇريل مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس موبائيل کي ڀڃ ڊاهه جو نشانو بنايو. شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، پوليس 2 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پوليس خلاف احتجاج ڪندي گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جنهن کان پوءِ هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ بحال ٿي وئي پر هاڻ اهي اطلاع سامهون اچي رهيا آهن، ڪجهه مظاهرين هڪ دفعو ٻيهر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن.
