18 ڏينھن اڳ بي دردي سان قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جي قتل ۾ ملوث جوابدار وڊيو بيان ۾ قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جوابدار نياز بادامي پيسن جي لالچ ۾ اچي ساٿين سان گڏجي صحافي اي ڊي شر کي 30 لکن عيوض قتل ڪرايو قتل ڪيس جي مک جوابدار نياز بادامي دستي پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته منصور اعواڻ جي چوڻ تي اسان 30 لکن عيوض صحافي اي ڊي شر کي ڪات ھڻي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو . ھن وڌيڪ ٻڌايو ته مون منصور اعواڻ کان ايڊوانس طور پنج لک روپيا ورتا جيڪي مون چنا برادري جي نعيم، فھيم، وقاص ۽ احد چنو کي ڏنا ۽ ڪات دانش ڀٽي کان وٺي انھن کي ڏنو جنھن بعد صحافي اي ڊي شر کي دوکي سان گھرائي ڪات ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته صحافي اي ڊي شر ۽ جوابدار منصور اعواڻ جا ڪافي عرصي کان سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻئي سان اختلاف ھلندڙ ھئا جنھن بعد منصور اعواڻ صحافي اي ڊي شر کي قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو۔
