سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي ڌرڻن تي پوليس چڙهائين جي مذمت ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت پرامن احتجاجن تي چڙهائي ڪري آمريت جي دور کي ورجائي رهي آهي، . سنڌ جي اندر اٺن مهينن کان جاري احتجاجي تحريڪ پرامن رهي آهي، ڪنهن به هنڌ ڪو نقصان نه ٿيو آهي نه ڪنهن کي پٿر لڳو آهي نه گاڏي جو ڪو شيشو ٽٽو آهي. ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته پرامن احتجاجن کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪمران هوش کان ڪم وٺن. سندن اهڙن هٿڪنڊن سان هلندڙ تحريڪ ماٺي نه ٿيندي، پ پ پ پاران جشن جو ڍونگ سنڌ حڪومت جي هن عمل مان ظاهر ٿئي ٿو، آمريتي قدمن سان سنڌ کي خاموش نٿو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ پنهنجو احتجاج جاري رکندي هاڻي هي تحريڪ سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ پهچي چڪي آهي، عوام همٿ سان پنهنجو پرامن احتجاج جاري رکي انشاءَالله حڪمرانن کي ناڪامي نصيب ٿيندي.
