10

ڪنڌڪوٽ: انڊس هاءِ وي تي ڪينالن خلاف هنيل ڌرڻي تي رات دير سان پوليس چڙهائي، فائرنگ، شيلنگ، 4 مظاهرين بيهوش، ڌرڻو جاري

 ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس ھاء وي تي ڪينالن خلاف لڳل ڌرڻي واري ھنڌ رات دير سان پوليس جي چڙهائي، مظاھرين مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ، 4 مظاھرين بيھوش ٿي ويا. مظاھرين ڌرڻو ختم نه ڪيو ڪجھ وقت چڪرين کان پوء مظاھرين پوليس کي پوئتي ڀڄائي ڇڏيو، ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري ڌرڻي مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ واري اطلاع تي وڏي تعداد ۾ وڪيل ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ پھچي ستين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو آهي، ڌرڻي سبب پنجاپ ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون ڦاٿل ڪنهن به گاڏي کي روانو ڪرڻ نه ڏنو ويو، پوليس جي شيلنگ فائرنگ واري واقعي بعد عامر نواز وڙائچ جو وڊيو بيان سامھون اچي ويو وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته فائرنگ، شيلنگ ۽ سخت دٻاءُ جي باوجود اڳواڻن جا حوصلا بلند آهن، ڌرڻي تي چڙهائي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو. هن چيو ته ڪنڌڪوٽ سميت سمورن ڌرڻن جا مظاھرين ۽ وڪيل اڪيلا نه آهن سنڌ جا تمام وڪيل انهن سان گڏ آهن  سمورا وڪيل ۽ شھري ڪنڌڪوٽ واري ڌرڻي ۾ پھچن ڪينالن جي خاتمي واري نوٽيفڪيشن تائين ڌرڻو جاري رھندو، عامر نواز وڙائچ چيو ته رياست اسان مٿان گوليون هلائي پر ڪنڌڪوٽ سميت تمام ڌرڻا جاري رھندا وڪيل اڳواڻ عبدالغني بجاراڻي چيو ته اسان جا ھتان لاش کڻو پر ڌرڻي تان نه اٿنداسين پوليس زيادتي ڪري رھي آهي پر امن احتجاج مٿان پوليس گردي ڪئي وئي آهي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو