آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته پهلگام حملي کان پوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران صورتحال وڌيڪ خراب نه ڪئي وڃي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان رابطو ڪيو پيو وڃي انهن کي چيو پيو وڃي ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ڪريو. هڪ سوال جو جواب ڏيندي ٽيمي بروس چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان اڄ يا سڀاڻي ڳالهيون ڪندو. اهو ٻين قومي اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن جي حوصله افزائي ڪري رهيو آهي ته اهي به انهي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت سان رابطو ڪن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته انهي معاملي تي روزاني جي بنياد تي قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پنهنجي هم منصب سان وزير ڳالهيون ڪري رهيا آهن اميد آهي ته انهي جو ساڳيو ئي اثر ٿيندو جيئن ٻيا وزير ٻين ماڻهن سان ڳالهيون ڪندا آهن.نيمي برس چيو ته صدر ٽرمپ جي قيادت جي موجودگي ۾ يقينن پاڪستان ۽ ڀارت جي لاءِ اها ڳالهه ٻولهه اهم آهي. هڪ ٻئي سوال تي ٽيمي بروس چيو ته آمريڪا جي صورتحال تي نظر آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن سان نه صرف پرڏيهي وزيرن جي سطح تي پر ڪيترن ئي سطحن تي رابطو ٿيو آهي ڌرين کي چيو پيو وڃي ته اهي انهي معاملي جو ذميوارانه حل ڪڍن ڇو ته دنيا سموري صورتحال کي ڏسي رهي آهي. هن چيو ته اهو لمحو سڀني کان اهم آهي ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ڳالهين جو نتيجو بهتر نڪري. ياد رهي ته والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ 26 ڀارتي سياحن جي قتل کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي سميت ڪيترن ئي قدمن تي پاڪستان طرفان به سخت جواب ڏنو ويو آهي.
