) آمريڪا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ۽ ڀارتي هم منصب جي شنڪر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن تازي ڇڪتان ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان پهلگام واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو. مارڪو روبيو ڀارتي پرڏيهي وزير تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستاني اختياريون پهلگام حملي جي جاچ ۾ تعاون لاءِ تيار آهن. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهين تي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس بيان ۾ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو دهشتگردي جي خلاف ڀارت سان تعاون جي لاءِ آمريڪي ارادن جو اظهار ڪيو ۽ پهلگام واقعي تي ڏک جو پڻ اظهار ڪيو.
