پنوعاقل ۾ سکر ملتان موٽر وي تي تيز رفتار ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي فوت جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان پنجاب جي شهر علي پور وڃي رهي هئي، واقعو پنوعاقل ۾ سانگي ڀرسان سکر، ملتان موٽر وي تي تيز رفتاري سبب پيش آيو. ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري ۽ عورت سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي پنوعاقل اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ايترو خوفناڪ جو هو انهي جي نتيجي ۾ بس جو اڳيون حصو ۽ ڇت مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.
