سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي آهي، ججز شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ متاثر خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ تعزيتي اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت تي افسوس جو اظهار ۽ معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي معزز ججز ڀارتي فوج جي حملي جي سخت مذمت ڪئي. اجلاس جي دوران ججز شهيدن جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ججز معصوم حياتين جي تحفظ جو ارادو ڪيو ۽ قوم سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته 22 اپريل 2025 تي پهلگام ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچولي رات، اونداهي ۾ پاڪستان جي شهرين علائقن تي حملو ڪري جنگ شروع ڪري ڇڏي هئي.
