وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو اهي ته يوم يقين رکي ڀارت کي اڳرائي جو جواب ضرور ڏنو ويندو. قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اوهان جي سيڪيورٽي محفوظ هٿن ۾ آهي، جواب ايندو، سخت طريقي سان ايندو، ڪڏهن ايندو انهي جو فيصلو پاڪ فوج تي ڇڏي ڏنو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته مان حڪومت سان گڏوگڏ اپوزيشن جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو ته پوري قوم متحد آهي، ڪجهه حقيقتون ايوان جي سامهون رکڻ چاهيان ٿو. رات جي اونداهي ۾ بزدل دشمن حملو ڪيو، رافيل جهاز دنيا جي بهترين ۽ جديد ٽيڪنالاجي رکندڙ جهاز آهن. هن چيو ته ڀارت کي اهوئي ناز هو ته اسان وٽ اها جديد ٽيڪنالاجي آهي هن انهي ناز سان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿي جنهن ۾ کيس شرمندگي نصيب ٿي، انهي شرمندگي کي لڪائڻ جي لاءِ هاڻ انهن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته دشمن مڪار، بزدل آهي جيڪو ٽيڪنالاجي ذريعي حملو ڪرڻ چاهي ٿو. هن جڏهن به ميري اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي هٿياربند فوج بهترين جواب ڏنو. هي صرف رافيل جهاز نه ڪريا آهن پر ڀارتي قوم جو غرور ڪري تباهه ٿيو آهي. ڀارت جهاز جو ملبو لڪائڻ چاهيو ٿي پر هاڻ دنيا رافيل جو ملبو ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي شاهينن کي هن ايوان ۾ سيليوٽ پيش ڪريون ٿا. 2019 جيان هن وقت به وڻندڙ چانهه تيار هئي، دشمن ڀڄي ويو ته پوءِ اسان انهن کي چانهه هوم ڊليوري جي ذريعي اماڻي ڇڏي، انهي ڪري هاڻ ڀارت پوئتي ٿي ويو جنهن کان پوءِ هن هاڻ ڊرون اماڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ڀارت بزدل ۽ ڊڄڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته صلاحيت جهاز نه پائلٽس ۾ هوندي آهي، بيروپ ڊرون اسرائيلي ڊرون ٽيڪنالاجي آهي جيڪي ڊرون جي دنيا جا رافيل آهن، ڀارت 25 ڊرون اماڻيا جنهن کي اسان ڪيرائي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڊرونز کي ايئر ڊفينس سسٽم سان نشانو بنائي ڪيرايو ويو ڪجهه کي جام ڪري ڪيرايو ويو آهي. هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻ پاڪستان جي فتح جي نشاني آهي، روايتي جنگ ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملي چڪي آهي، ڀارت کي ايل او سي تي سخت نقصان پهچايو آهي. لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جي بيرگيڊ هيڊ ڪوارٽر کي به تباهه ڪيو، ايل او سي تي 40 کان 50 ڀارتي فوجي مارجي ويا آهن. هن چيو ته مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته اوهان جي سيڪيورٽي محفوظ هٿن ۾ آهي. جواب ايندو ڀرپور طريقي سان ايندو، ڪڏهن ايندو انهي جو فيصلو پاڪ فوج تي ڇڏي ڏنو آهي. جواب ضرور ڏنو ويندو ۽ سخت ڏنو ويندو. پر اهي معاملا تڪڙ ۾ ناهن ٿيندا. آپريشنل ۽ اسٽريٽجڪ تفصيل طئي ڪرڻ کان پوءِ جواب ڏنو ويندو آهي.
