14

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس: ڀارتي جارحيت تي جوابي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو

 وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي بابت اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت  تي جوابي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت به موجود آهي جڏهن ته اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ سيڪيورٽي اختياريون به شريڪ آهن. انهي کان علاوه مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف به اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم هائوس پهتو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جڏهن ته سيڪيورٽي اختيارين طرفان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت تي جوابي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ڊرون حملن ۽ پاڪستاني رد عمل کان به آگاهه ڪيو ويو.  پاڪستاني قيادت ڀارتي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ارادن جو اطهار ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت جا 24  اسرائيلي ڊرون ڪيرايا ويا. فورم انهي ارادن جو اظهار ڪيو ته ڊرون حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جو بندلو ورتو ويندو. هڪ هڪ پاڪستاني جي  رت جو حساب ورتو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو