12

خطرناڪ صورتحال جو ذميوار ڀارت آهي، قومي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين: محسن نقوي

 وفاقي گهرو وزير سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر 48 ڪلاڪن ۾ ٻئي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سميت سرحدن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وقتي آمريڪي سفير کي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ڀارت جي ڊرونز دهشتگردي جي باري ۾ به بريف ڪيو ۽ چيو ته ڀارت سمورن عالمي قانونن کي پامال ڪيو. محسن نقوي چيو ته ڀارت شهري آبادين کي ڊرونز سان نشانو بنائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، پاڪستان  موثر ڪارروائي ڪري درجنين ڊرونز کي ڪيرائي ڇڏيو. هن  آمريڪي عهديدار کي ٻڌايو ته خطي جي خطرناڪ صورتحال جي سموري ذميواري ڀارت تي آهي، پورو خطو جنگ جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته  پاڪستان جي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين. ياد رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيگر گذريل ڏينهن به ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ڀارت جي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. سرڪاري ٽيليويزن طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ملاقات جي دوران آمريڪا جي پوليٽيڪل قونصلر زيڪ بارڪن رائيڊر ۽  طلال چوڌري به موجود هو. رپورٽ  موجب ملاقات ۾ ڀارت جي حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو