دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڊرون حملا اسان لوڪيشنز جي جاچ لاءِ ڪيا ويا هئا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ٻڌائيندا ته اسان جي بهادر فوج ڪهڙي طرح ملڪ جو دفاع ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو ناهي جنهن سان اسان جا رابطا نه آهن. ايران، سعودي، قطر ۽ چين سان روزاني جي بنياد تي رابطن ۾ آهيون، هڪ ٻن ملڪن ٿوري گهڻي ڀارت جي حمايت ڪئي آهي. ٻيا سمورا يا ته اسان سان گڏ آهن يا پوءِ نيوٽرل آهن. هن چيو ته ڀارت سان گڏ انهي جا ويجها ساٿاري به گڏ آهن. اسان ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا آهن جيڪي جنگي تاريخ ۾ اهم ڪاميابي آهي، ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان جي فوج جوابي پوزيشن ۾ آهي. اسان جي فوج جي جوابي ڪارروائي ڏينهن رات جاري آهي. هن چيو ته پاڪ فوج بهادري سان ملڪ جو دفاع ڪري رهي آهي. پاڪستاني قوم کي اطمينان هجڻ گهرجي ته انڊيا جي ارادن کي ناڪام ڪيو ويو آهي. انڊيا جي عوام ۽ سياست جا حوصلا ختم نه ٿيا آهن پوري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي. خواجه آصف چيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ قبول نه ڪندو. قوم مطمن رهي اسان ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جي لاءِ 200 سيڪڙو تيار آهيون. پر پاڪ فوج ڀارت جيان پنهنجي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جي سويلينز کي نشانو نه بنائيندي. هن چيو ته پاڪستان صرف فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا هن وقت ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيو آهي جهڙي طرح جارحيت کان پوءِ ڀارت کي بدنامي کي منهن ڏيڻو پئجي رهي هاڻ هو پنهنجي عوام کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هي سچ ٻڌائڻ کان لهرائي رهيا آهن. دفاع واري وزير چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ٻنهي جو فطري اتحاد آهي ته اهي ٻئي اسلام جا دشمن آهن انهن جي اسلام مخالفت ۽ مسلمانن سان نفرت سموري دنيا جي سامهون ظاهر آهي.
