13

ڀارت جاچ جي آڇ نه مڃي جارحيت اختيار ڪئي، جوابي ڪارروائي اسان جو حق آهي: پاڪستان

 پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان طرفان جاچ جي آڇ کي نه مڃي جارحيت جو رستو اختيار ڪيو جنهن تي جوابي ڪارروائي ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي. هفتيوار نيوز بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته 8 مئي جي رات ڀارت پاڪستان تي جارحيت جو مظاهرو ڪيو. ڀارت پاڪستان جي سالميت کي چيلينج ڪيو، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو آهي جواب ۾ پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو. هن چيو ته ڀارتي جنگي جنون خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. پاڪستان هر ممڪن صبر، تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڀارت جي جارحيت جي مذمت ڪري ٿو. ڀارت عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان جي خلاف ڪوڙو پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت طرفان پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊرون حملا ڪيا ويا. ڇا ڪوبه ملڪ ڪنهن به ملڪ کي سوشل ميڊيا تي ڏنل بيانن تي حملو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ اسان دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڀارت کي انهي معاملي تي ڏوهاري قرار ڏئي. هن چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. اسان ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري جي بيانن کي به رد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽرڊ موجب ڀارتي جارحيت جي خلاف جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو. وزيراعظم مڪمل انڪوائري جو چيو پر ڀارت جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ جي جاچ  ڀارت جي ڪري نه ٿي سگهي. ڪلبهوشن ياديو ڀارت جي انتهاپسندي جي مثال آهي. هندو انتهاپسندي ۾  40 پاڪستاني شهيد ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته نيلم جهلم هائڊرو پاور پراجيڪٽ جا ڪجهه حصا ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ تباهه ٿيا. پاڪستان زرعي ملڪ آهي، ڀارتي فيصلي جا اثر ڪروڙين ماڻهن تي پئجي رهيا آهن. اهو ڀارت ئي هو جيڪو جمون ڪشمير جي معاملي کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو. ڀارت مسلسل ننڍي پاڙيسري ملڪ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو