وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ(آچر) سموري ملڪ ۾ يوم تشڪر ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو ڏينهن رب پاڪ جي آڏو سجده ڪرڻ، پاڪ فوج جي بي مثال بهادري کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ پوري قوم جا حوصلا ۽ وحدت جي تعريف ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو. هن چيو ته آپريشن بنيان المرصوص دشمن جي جارحيت کي موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو ۽ پاڪستان هر محاذ تي برتري ثابت ڪئي اسان انهي ڪاميابي تي رب پاڪ جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي سرخرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته دشمن جي جارحيت جي باوجود پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ مڪمل تياري سان پنهنجي دفاع کي يقيني بنايو. شهباز شريف چيو ته قوم خاص طور تي عالم سڳورا سڀاڻي سموري ملڪ ۾ اجتماعي دعائن ۽ نفلن جو اهتمام ڪندا. رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪريو ۽ شهيدن غازين جي لاءِ خصوصي دعا ڪريو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي قوم انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.
