14

اڄ غيرت، جرئت ۽ قومي وحدت جي فتح جو ڏينهن آهي: مريم نواز

 پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اڄ غيرت، جرئت ۽ قومي وحدت جي فتح جو ڏينهن آهي.  مريم نوازشريف وزيراعظم شهباز شريف جي يوم تشڪر ملهائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رب پاڪ جي شڪر گذار آهيان ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. اڄ جو ڏينهن صرف شڪرگذاري جو نه پر غيرت، جرئت ۽ قومي وحدت جي فتح جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پاڪ فوج بهادر، پروفيشنل ۽ باصلاحيت ادارو آهي، پاڪ فوج  ڀارتي جارحيت جو جواب صرف گولي سان نه، حڪمت عملي سان ڏنو. شاهينن دشمن جا جهاز ڪيرائي دنيا کي پيغام ڏنو ته  پاڪستان جو دفاع نه وسارڻ جوڳو آهي. دنيا ڏسي ورتو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ هڪ قدم پوئتي نه هٽندو. هن چيو ته اهڙن جوانن کي سليوٽ جنهن دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي ٻڌايو ته پاڪستان پرامن آهي ڪمزور يا بزدل نه. پاڪستان جي قيادت مخلص آهي. قوم متحد ۽ شڪست نه ڏيڻ جوڳي آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي تعليم،  هنر، ٽيڪنالاجي سان ايمپاور ڪنداسين، اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين جنهن کي ڪوبه دشمن ميري اک سان ڏسڻ جو سوچي به نه سگهندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو