12

بنگلاديش: شيخ حسينه واجد جي سياسي پارٽي عوامي ليگ تي پابندي لاڳو

 بنگلاديش جي نگران حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي سياسي پارٽي عوامي ليگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. مفرور وزيراعظم شيخ حسينه جي پارٽي تي دهشتگردي جي انت واري قانون جي تحت پابندي لڳائي، عوامي ليگ جون سرگرمين ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهنديون. بنگلاديش جي عبوري حڪومت انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل ايڪٽ ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ترميم سبب سياسي پارٽيون ۽ لاڳاپيل ادارن تي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ٻئي طرف عوامي ليگ عبوري حڪومت جي اهڙي قدم کي ناجائز قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد گذريل سال آگسٽ ۾ سخت عوامي دٻاءُ کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي، بنگلاديش جي نگران حڪومت ڀارت کان ڪيترائي ڀيرا شيخ حسينه واجد کي  حوالي ڪرڻ جو  مطالبو ڪري چڪي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو