11

پاڪستاني فنڪارن به ڀارت سان جنگبندي جي آجيان ڪري ڇڏي

 پاڪستاني فنڪارن به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته تمام گهڻيون حياتيون ضايع ٿي ويون، پاڪستان ۾ ته معصوم ٻار به  جنگ دوران فوت ٿيا، انهي لاءِ هر ڀيري پاڪستاني قوم اهوئي چئي رهي هئي ته جنگ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته جنگ جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي. اداڪاره ۽ ميزبان شائسته لوڌي چيو آهي ته پاڪستان هميشه امن، ڳالهيون ۽ گڏيل ڳالهين جي جنگبندي جي آجيان ڪئي، هاڻ خوشي جوڳو ۽ اميد جو لمحو آهي. اداڪاره ماهره خان سميت ٻين اداڪارن چيو ته مشڪل حالتون هجن ته اندازو ٿي ويندو آهي فوج ڪيتري ضروري آهي جڏهن ته بشريٰ انصاري چيو ته سرحد جي ٻنهي طرفن کان ماڻهو پريشان هئا، ان سان گڏ ئي بشريٰ انصاري جيو ۽ جيئڻ ڏيو جو نعرو به لڳايو. انهي کان علاوه پاڪستاني گلوڪاره نتاشه بيگ پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو