چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت کان دير تائين جنگبندي جي لاءِ مشاورت ۽ سفارتي حل تي زور ڏنو آهي. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختاري جي حمايت جاري رکندس. چيني پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڀارت سان دير تائين جنگبندي جي لاءِ مشاورت ۽ سفارتي حل تي زور ڏنو. ٻئي طرف چيني پرڏيهي وزير جون ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول سان به ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين سان مسئلي جو حل ڪڍن ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ڪن. چيني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊوول پرڏيهي وزير وانگ زي سان ڳالهين ۾ ٻڌايو ته پهلگام حملي ۾ ڀارتي اهلڪارن جون فوتگيون ٿيون، ڀارت کي دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي پئي.ڊوول وڌيڪ ٻڌايو ته جنگ ڀارت جي چونڊ نه هئي، ڀارت ۽ پاڪستان جنگبندي لاءِ پرعزم آهن. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين پهلگام حملي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو. ڀارت، پاڪستان پاڙيسري ملڪ آهن انهن کي امن واستحڪام کي خطري ۾ وجهڻ نه گهرجي.
