آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍنداسين. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته مون کي ڀارت ۽ پاڪستان جي قيادت تي فخر آهي. هن بي پناهه همت، حڪمت ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪندي جارحيت کي روڪڻ جي ضرورت جو احساس ڪيو. هن چيو ته جارحيت سبب لکين بي گناهه حياتين جو نقصان ۽ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، لکين بي گناهه ماڻهو موت جو شڪار ٿي سگهيا ٿي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اوهان جي بهادرانه فيصلن سبب اوهان جو ورثو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي مون کي فخر آهي ته آمريڪا اوهان کي انهي تاريخي ۽ بيرونڪ فيصلي تائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن چيو ته ڏٺو وڃي ته انهي معاملي تي ڳالهيون نه ٿيون آهن پر مان ٻنهي عظيم قومن سان واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. ٻنهي ملڪن سان گڏجي مان اهو به ڏسندس ته ڇا اسان ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اهو به چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ آمريڪا اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي ملڪن کي هڪ ميز تي آڻي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو. انهي حوالي ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪندي جنگبندي معاهدي جي تصديق ڪئي هئي
